سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر

سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر

سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر

سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انگريزيءَ ۾ لکيل مقالي جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ڪيو هو. هي مقالو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، موهن جي دڙي بابت بين الاقوامي سمپوزيم (23- 25 فبروري 1973ع) جي موقعي تي، ’سنڌ لوڪ سنگيت سميلن‘ لاءِ لکيو هو ۽ ڪتابي صورت ۾ به شايع ڪيو ويو هو. سنڌي موسيقيءَ جي اوسر تي هي هڪ بنيادي مقالو آهي، جنهن ۾ سنڌي لوڪ سنگيت جو سمورو پسمنظر پيش ڪيو ويو آهي. هن مقالي جو مواد، لائق مصنف، پنهنجن ٻن مقالن: (1) Musical Instruments of The Lower Indus Valley of Sindh (1966), (2) Spanish Canty- Jondo & its Origin in Sindh in Music, Chapter X-VII (1968). تان ورتو آهي.
ڊيمي سائيز جي 90 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري، مارچ 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو